ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو

ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو

عبدالخالق راز سومرو ڊاڪٽر

عبدالخالق ‘راز’ سومرو، ڊاڪٽر: شاعر، عالم، محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نويس ڊاڪٽر عبدالخالق راز ولد محمد حسن ‘مسڪين’ سومرو، پھرين جولاءِ 1934ع تي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي، تعلقي خانپور، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليمي قابليت اديب فاضل سنڌي، ايم. اي، بي. ايڊ ۽ پي ايڇ. ڊي ھئي. ڊاڪٽر راز 18 آگسٽ 1949ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو. بعد ۾ مختلف عھدن تي رھيو، جن ۾ ايڇ. ايس. ٽي، ھاءِ اسڪول جو ھيڊماستر ۽ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس جي عھدن تي خدمتون انجام ڏيڻ کانپوءِ پھرين جولاءِ 1994ع تي رٽائرڊ ٿيو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘ڪليات علوي’ (1992ع)، ‘شڪارپور صدين کان’ (1985ع)، ‘بکر جي تاريخي عظمت’ (2014ع)، ‘وسي شال سنڌوءَ جو ڪنارو’ (طويل نظم: ترتيب)، ‘تاريخ شڪارپور’ (2017ع) وغيره قابل ذڪر آھن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالخالق ‘راز’ جا بيشمار مضمون ۽ مقالا سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ بھ شايع ٿيل آھن. ھن نثر ۾ تحقيق، تاليف ۽ تصنيف سان گڏ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪجهھ افسانا، ڪھاڻيون ۽ ڊراما بھ لکيا آھن. سندس اردو ڪھاڻيون ‘ماھھ نو’ مئگزين ۾ شايع ٿيون. شاعريءَ ۾ بھ ھن سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. علم عروض ۽ ابجد جو به وڏو ڄاڻو هو.پاڻ شاھه عبداللطيف ادبي سنگت جو باني، آرڪيالاجيڪل فائونڊيشن آف پاڪستان جو ميمبر، سنڌي ليکڪ يادگار ڪميٽيءَ جو صدر، ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت رستم شاخ جو ميمبر، سچل ادبي سنگت جو ميمبر ۽ سِگا شڪارپور جو ميمبر پڻ رهيو. سندس ادبي خدمتن عيوض عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران 2005ع ۾ کيس ‘تنوير عباسي اوارڊ’ ڏنو ويو. ڊاڪٽر عبدالخالق راز 10 جون 2011ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ اباڻي ڳوٺ، ضلعي شڪارپور ۾ آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.07.01  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالخالق راز ولد محمد حسن ‘مسڪين’ سومرو، پھرين جولاءِ 1934ع تي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي، تعلقي خانپور، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.


2011.06.10  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالخالق راز 10 جون 2011ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ اباڻي ڳوٺ، ضلعي شڪارپور ۾ آھي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان مارشل
شيخ محمد رضا
ٽنڊولڪر سچن
رالف للي ٽرنر سر
انيس الدين ڀٽي
شاهجهان
سنت ماڌو داس
سيٺ نانڪرام
جعفري غلام حسين
چانڊيو نواب شبير احمد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون